مارچ جو مهينو هلي رهيو آهي  ۽ بهار پهنجي عروج تي آهي تيز هوا هلي رهي آهي  ۽ اها هوا تمام رومينٽڪ لڳي رهي آهي هر طرف هڪ نئين زندگيء جو منظر آهي ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ  مئلن ۾ ساھ  پئجي ويو آهي مردار وڻ ٽڻ ٻوٽا جن کي سياري جي سرد هوائن ساڙي ڇڏيو هو ٻيهر اڀري آيا آهن پوپٽن پکين  ماکيء جي مکين ۽ ڀنڀورين ۾ سرهائي آهي ڄڻ تہ انهن کي انهيء ڏينهن جو انتظار هو .بهار ۾ بہ عجيب رنگ آهن جيئن صبح کان بعد شام اچي ٿي ۽ رات کان بعد جيئن ئي صبح جو آغاز ٿئي ٿو تہ هلڪي هلڪي سج جي روشني ماحول کي روشن ڪري ٿي تہ ان وقت بہ مئلن ۾ جان اچي وڃي ٿي ۽ پکي پکڻ سريلا آواز ڪن ٿا تڏهن تہ چوندا آهن تہ اونڌاين کان بعد روشنيون اچن ٿيون ڏکن کان بعد سک اچن ٿا ۽ ائين ماحول ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون پر سائين بهار جي ڇا ڳالھ ڪجي حقيقت هيء آهي تہ اهي موسمي تبديليون گلن جو ڦٽڻ ٻوٽن ۾ نئين جان اچڻ پکين جو ٻولڻ خاص ڪري  خاموشيء ۾ انهن جا سندر مٺڙا آواز  انسان کي شاعري ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا حقيقت ڪجه هن ريت آهي تہ دنيا ۾ جيڪي بہ شاعر پيدا ٿيا آهن انهن ئي قدرتي نظارن مان متاثر ٿيا آهن ۽ ڪن تہ صرف شاعري ئي قدرت جي

 ڪمالن تي ڪئي آهي وليم ورڊس ورٿ تہ پاڻ کي  شاعر ئي قدرت جو                                      بڻائي چڏيو ۽ اهڙي طرح سنڌ جو گھوٽ ڀٽائي بہ پوئتي ڪو نہ رهيو   ۽ پاڻ پهنجي شاعري ۾ انهن قدرتي نظارن مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهي ڪا تہ شيء آهي انهن ۾ ڄڻ ڪو جادو هجي .پر ان سڄي جادوئي ۽ خوبصورت ماحول ۾ هلڪي هلڪي ڀڻ ڀڻ بہ ٻڌڻ ۾ اچي پئي تہ سائين هاڻي ڇا ٿيندو خزان کان پوء بهار ايندو آهي پر بهار کان بعد ڇا ايندو آهي تہ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي تہ سائين گرمي گرمي هر ڪنهن کي تڪڙ لڳي پئي آهي تہ گھمڻو اٿو تہ گھمي وٺو شادي براتي اٿو تہ ڪري وٺو بعد ۾ اچي رهي آهي گرمي .مطلب تہ مزو خراب گرميء جو بہ هڪڙو پهنجو مزو آهي اسان جا فصل بہ گرميء ۾ ئي پچن ٿا جيڪڏهن گرمي نہ ايندي تہ  اسان جا فصل ڪاڏي ويندا پر هر ڳاله پهنجي جاء تر اها گرمي آهي ڏاڍي ظالم تڏهن تہ مخدوم زمان طالب موليٰ چيو آهي

ويساک جو مهينو جهن ۾ لڪون ۽ جھولا                 

ڄڻ آسمان اڇليا ٿي گرم گرم گولا              

 

تہ ڳالھ پئي ڪئي سين گرميء جي گرمي اها آهي جهن ۾ ماڻهون پهنجي بت کان بيزار رهي ٿو اسان اتر سنڌ وارا تہ  اڃان بہ وڌيڪ ستايل آهيون حيدرآباد واري پاسي وري بہ ڏينهن گرم رهي ٿو پر رات ٿيندي ئي هوا هلڻ شروع ٿي ڪري مڙئي ڏينهن جهڙو تهڙو نڪري ويندو آهي پر رات جو ٿڪ لهي ٿو وڃي پر اتر سنڌ ۾ تہ آزار آهي اصل ڄڻ گرميء  جي  پراڻي دشمني آهي ئي اتر سنڌ وارن سان ڏينهن تہ ڏينهن آهي پر رات بہ شينهن آهي رات ٿيندي ئي ٻٽ ٻوسٽ جو طوفان کڙو ٿي ويندو آهي .

ان ٻوسٽ ۾ ماڻهون ويچارو ڪاڏي وڃي جتي ڪانون جي اک پئي نڪري پر هاڻي اصل مزو تہ لوڊشيڊنگ شروع ڪيو آهي جو ان جي باري ۾ سوچي ڪري لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا .اصل ۾ لوڊشيڊنگ بہ هڪڙو جن آهي جيڪو جان ئي ڪونہ ٿو چڏي ڊيڊ جن آهي جيڪو سياري ۾ تہ ڪجھ سرد رهي ٿو پر اونهاري ۾ تہ تپي باھ ٿو ٿي وڃي .هاڻي کان ئي اگر ڪنهن سان گرميء جو ذڪر ڪجي ٿو تہ سڀ کان پهريان ان بندي جي جيڪا رڙ نڪري ٿي ان ۾ آواز آهي لوڊشيڊنگ مري ويا سي هاڻي تہ ۽ اها گرمي جڏهن ايندي آهي تڏهن  وڃڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي اها حقيقت بہ آهي مان تہ هاڻي کان ئي سنگت کي صلاح ڏني آهي تہ لوڊشيڊنگ لاء ٿيندڙ  احتجاج جي لاء سامان هاڻي کان ئي وٺي رکو پوء ايئن نہ ٿئي جو عين وقت تي ڪجھ هٿ ئي نہ چڙهي.گرمين ۾ احتجاج بہ سگھارو ٿيندو آهي جو انسان جي ڪيفيت ئي گرمين ۾ بدلجي وڃي ۽ انسان چڙچڙو ٿئي پوي گھڻا ماڻهون چوندا آهن تہ سائين اڳي ايڏي گرمي ڪونہ هوندي هئي جيتري هاڻي آهي ان ڳاله جي تصديق ڪرڻ لاء  مان ڪجھ جھونن سان مليس انهن مون کي ٻڌايو تہ اها ڳاله سراسر غلط آهي گرمي ساڳي ئي آهي بابا پر ماڻهن جي سهپ گھٽجي وئي آهي هاڻي ائرڪنڊيشن مهن ڪارو ڪيو آهي جو اسان کان گرمي برداشت ئي ڪونہ ٿئي ٿي ۽ وري جيڪو اسان لائٽ تي هريا آهيون ان اسان جي سهپ گھٽائي ڇڏي آهي توهان ڏسو انهن ماڻهن کي جيڪي روڊن تي  پيا آهن ڪکاون گھرن ۾ انهن کي پرواھ ئي ڪونہ آهي .ها سائين ها مڃون ٿا پر ڇا ڪريون ڪاڏي وڃون اسان بہ اڳو پوء لائٽ ڪٽرائي پريڪٽس شروع ڪريون ڇا .گرميء جي خاص ڳالھ اها بہ آهي تہ تعليم کاتي وارن کي ان مان سٺو فائدو آهي ۽ شاگردن کي ويڪيشن بہ ٿئي ٿي باقي ٻيو عوام ويل ۾ آهي هاڻي تہ رمضان شريف بہ گرمين ۾ پيو اچي پر اهي سڀ ڳالهيون پهنجي جاء تي حقيقت ۾ موسمون تہ الله تعالي جون پيدا ڪيل آهن اهي تہ ان مالڪ جون حڪمتون آهن جهئن جي ڪارخاني ۾ ڪا شِيء بيڪار ڪونهي اصل ۾ ان ۾ اسان جون ڪوتاهيون آهن ن تہ عرب ملڪ اسان کان وڌيڪ گرم آهن ۽ انهن جا سمنڊ بہ تمام گھڻا گرم آهن پر اتي اهڙو ڪو بہ مسئلو ڪو نہ آهي اسان جو ملڪ جتي سمنڊ بہ ٿڌو آهي پر اسان جو سمنڊ ڪجھ ايراضيء کي ڇڏي باقي بيڪار پيو آهي اسان جي سنڌ ۾ ڪافي ٿڌا علائقا آهن جيڪي بيڪار پيل آهن جيئن گورک ۽ ڪتي جي قبر چوڻ جو مقصد اهو تہ ڪوتاهيون اسان ۾ آهن قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪائي شِيء بيڪار ڪونهي

پر جيستائين اسان سڌرون ۽ ڪا بهتري اچي تيستائين هڪڙي ڀڻ ڀڻ وري ٻڌڻ ۾ اچي پئي تہ اچي رهي آهي گرمي گرمي .